شهباز دراني

شهباز دراني: فلم ۽ ٽي. ويءَ جو نامور سنڌي اداڪار شهباز دراني، 31 ڊسمبر 1935ع تي ضلعي مٽياريءَ ۾ نيو سعيدآباد ڀرسان ڳوٺ رحيم خان پڙانگ ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل افغانستان جا رهاڪو هئا، جتان هجرت ڪري بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ رهيا، بعد ۾ سبيءَ ۾ آباد ٿيا ۽ انهن مان ڪي سنڌ ۾ اچي ڳڙهي ياسين واري علائقي ۾ سڪونت پذير ٿيا، جن مان سندس خاندان ضلعي مٽياريءَ جي نيو سعيد آباد واري علائقي ۾ رحيم خان پڙانگ نالي سان ڳوٺ ٻڌي رهڻ لڳو.
شهباز درانيءَ ابتدائي تعليم نيو سعيد آباد مان ۽ مئٽرڪ 1954ع ۾ هالا مان پاس ڪئي، انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما پهرين ڪراچي ۽ پوءِ سکر مان 1958ع ۾ ڪري ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ سب انجنيئر ٿيو. جتي ترقي ڪندي 1997ع ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر جي حيثيت سان رٽائر ڪيائين. 1995ع ۾ ٻوڏ سبب ڳوٺ رحيم پڙانگ مان لڏي نيوسعيدآباد مارڪيٽ ڀرسان رهائش اختيار ڪيائين.
هن پنهنجي فن جو آغاز 66-1965ع ڌاري ڪيو. جڏهن سعيدآباد ۾ سنڌي فلم ‘رنگ محل’ جا ڪجهه حصا شوٽنگ ٿي رهيا هئا ته فلم جي ڪئميرامين سيد نذير حسين هن جو قد، صورت ۽ رنگ ڏسي کيس فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ اتساهيو. جنهن بعد هن رنگ محل فلم ۾ ڌاڙيل جو ڪردار ادا ڪيو. ساڳئي سال پشتو جي لوڪ داستان ‘يوسف خان شيربانو’ بابت پشتو ۾ پهرين فلم ٺهي رهي هئي، ان لاءِ به هن زنگر سنگهه ڌاڙيل جو ڪردار ادا ڪيو. اهي ٻئي فلمون 1970ع ۾ اسڪرين تي آيون. اردو فلمن ۾ پهريون ڀيرو ‘جهان برف گرتي هي’ ۾ ڪردار ادا ڪيائين، جنهن کانپوءِ ‘ديواني دو’، ‘ٽينا’، ‘هانگ ڪانگ ڪي شعلي’، ‘آگ اور شعلي’ ۽ ‘تلاش’ ۾ ڪم ڪيائين. سنڌي فلمن ۾ ‘رنگ محل’ کان سواءِ ‘غيرت جو سوال’، ‘پرو’، ‘جانو ڌاڙيل’، ‘طوفان’، ‘دشمن’ ۽ ٻين ڪيترن ئي فلمن ۾ ڪم ڪيائين، جن ۾ سندس ڪردارن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. پشتو جي ستن فلمن ۾ ڪم ڪيائين، جن مان سندس پشتو جي آخري فلم ‘انگاري’ هئي. پاڪستان ٽيليويزن تي کيس عبدالڪريم بلوچ 1970ع ۾ متعارف ڪرايو. ٽي. وي تي پهريون ڀيرو علي بابا جي ڊرامي ‘موت’ ۾ کيس ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. اردو ڊرامن ۾ شروعات ‘سفر’ نالي ڊرامي سان ڪيائين. جنهن بعد ڪيترن ئي سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. سندس بهترين ڊرامو ‘ديوارين’ هو، جنهن لاءِ کيس بهترين اداڪار جو اوارڊ سئيزرلينڊ پاران مليو. سندس هن ڊرامي کي اڳوڻي صدر ضياءَ الحق جي ڌيءَ اسلام آباد ۾ اسٽيج پڻ ڪرايو. سندس بهترين اداڪاريءَ سبب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ کيس موٽ ملي آهي. ملائيشيا جي رياست لنڪاوي جي هڪ رومانوي ڪردار ماسوري تي جڏهن اداڪاره زيبا بختيار ڊرامو ٺاهي رهي هئي، تڏهن ان جي مرڪزي ڪردار لاءِ پڻ شهباز دراني کي ڪاسٽ ڪيو ويو. هن پنهنجي اداڪاري ذريعي سڄي دنيا ۾ مقبوليت ماڻي آهي، کيس پنهنجي فن ۾ مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن.
نوٽ: شهباز دراني 21 آڪٽوبر 2017ع تي وفات ڪئي.


لفظ شهباز درانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.12.31  عيسوي

فلم ۽ ٽي. ويءَ جو نامور سنڌي اداڪار شهباز دراني، 31 ڊسمبر 1935ع تي ضلعي مٽياريءَ ۾ نيو سعيدآباد ڀرسان ڳوٺ رحيم خان پڙانگ ۾ ڄائو.


2017.10.21  عيسوي

شهباز دراني 21 آڪٽوبر 2017ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه محمد گاڏهي بلوچ
مريم مختيار شيخ
آئن اسٽائن البرٽ
محمدعثمان سومرو
رنگيلو
طالب حسين ڀورو بروهي
اجيو ساڌ
ڀوڄراج جهمٽ مل موٽواڻي2
تاج محمد شيخ
ابو جعفر طوسي رح
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون